ٻي شادي لاءِ حڪومت کان اجازت وٺڻ لازمي قرار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست آسام جي وڏي وزير چيو آهي ته پهرين زال جي موجودگي ۾ جيڪڏهن مذهب ٻي شادي جي اجازت ڏئي ٿو تڏهن به حڪومت کان اجازت وٺڻ لازمي هوندو.
ڀارتي ميڊيا موجب آسام رياست سرڪاري ملازمن جي ٻي شادي کي حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏيو، ڀلي مذهب يا پرسنل لا ٻي شادي جي اجازت ڏيندو هجي.
سرڪاري ملازمن تي پهرين زال جي موجودگي ۾ حڪومت جي اجازت کانسواءِ ٻي شادي تي پابندي جي حوالي سان وڏي وزير همنتا بسوا سرما ٻڌايو ته اهڙا ڪيترائي معاملا ڏٺا آهن جتي ملازمن جي موت کان پوءِ ٻئي زالون مڙس جي پينشن لاءِ وڙهنديون آهن ۽ حڪومت مونجهاري جو شڪار ٿي ويندي آهي.
آسام حڪومت جي ملازمن کي ٻي شادي لاءِ حڪومت جي اجازت حاصل ڪرڻي پوندي ڀلي انهن جو مذمب کين ٻي شادي جي اجازت ڇو نه ڏيندو هجي.
وڏي وزير ڪنهن به مذهب، برادري يا اقليت جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جيڪڏهن ڪو مذهب اوهان کي ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو تڏهن به اوهان کي رياستي حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي
هن ٻڌايو ته اهڙيءَ طرح ڪنهن به سرڪاري عورت ملازمه کي به ٻي شادي کان اڳ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي ۽ اهو حڪم فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.