پاڻ کي جديد ڪرڪيٽ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان: صائم ايوب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر صائم ايوب چيو آهي ته هو پاڻ کي ماڊرن ڪرڪيٽ لاءِ تيار ڪري رهيو آهي، قومي ٽيم ۾ جڏهن به موقعو مليو ان ئي مائنڊ سيٽ سان کيڏڻو آهي.

نجي ٽي وي سان گفتگو ڪندي صائم ايوب چيو ته اندازو هو ته سڀني جو ڌيان جديد ڪرڪيٽ تي آهي، انڪري هو پاڻ کي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ لاءِ تيار ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن به کيس پاڪستان ٽيم لاءِ موقعو مليو ان ئي مائنڊ سيٽ سان کيڏندو.

قائدِ اعظم ٽرافي جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪرڻ تي صائم ايوب چيو ته ڪراچي وائٽس کي کٽرائڻ جو ٽارگيٽ هو، خوشي آهي ته ان ۾ حصو شامل ڪيو، ان دوران گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن قائدِ اعظم ٽرافي جي فائنل ۾ ڪراچي وائٽس فيصل آباد ريجن کي 456 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي، صائم ايوب ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڊبل سينچري ۽ ٻي اننگز ۾ سينچري سان گڏ مين آف دي ميچ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.