صحتمند کَل ۽ خوبصورت وارن لاءِ زردالو جو تيل استعمال ڪريو

گھڻيون عورتون وارن ۽ چهري جي کل جي مسئلن جي ور چڙهيل هونديون آهن ۽ انهن جي سار سنڀال ۽ واڌ ويجهه لاءِ مختلف ٽوٽڪا ۽ مهانگيون شيون استعمال ڪنديون آهن.

ڳالهه چمڪندڙ وارن ۽ خوبصورت جلد جي هجي ته قدرت ان لاءِ بهتري حل پيش ڪيا آهن، فطرت وٽ سدائين حل موجود هوندو آهي. اهڙيءَ طرح زردالو جو تيل به فائدن جي حساب سان قدرت جو قيمتي تحفو آهي.

برطانيوي ماهرن ڊاڪٽر وارن لاءِ زردالو جي تيل جا معجزاتي فائدا ٻڌائيندي چيو ته زردالو جو تيل وٽامنز، فيٽي ايسڊز ۽ اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور هجڻ سبب وارن جي صحت کي وڌائي سگھي ٿو.

هن چيو ته مٿي جي سار سنڀال ۽ صحتمند وارن جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهو بهترين آهي.

زردالو جو تيل جون موئسچرائزنگ خاصيتون وارن مصبوط ڪن ٿيون.

زردالو جو تيل

اهو هڪ قسم جو ڪيريئر تيل آهي جيڪو زردالو جو ککڙي جي ٻجن مان ڪڍيو ويندو آهي جيڪو هلڪي ڦڪي رنگ جو هوندو آهي ۽ ان ۾ هلڪي ۽ مٺي خوشبوءِ هوندي آهي.

اهو تيل اوهان جي کل ۽ وارن کي ڪيئن فائدو پهچائيندو آهي؟

اهو وارن کي هائڊريٽڊ ۽ گھم ڏيندو آهي جنهن سان خشڪ ۽ ڪمزور  وارن کي نرم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

زردالو جو تيل وٽان اي سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو وارن جي هر حصي جي پاڙ کان چوٽي تائين مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهو خرب ۽ ڪمزور وارن جي مرمت ڪرڻ جي طاقت به رکي ٿو.

تيل جي وٽامن اي ۽ فيٽي ايسڊ جو مقدار کل جي واڌ ويجهه ڪرڻ، ان جي لچڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ وڌيڪ چمڪدڙ رنگ بڻائڻ جي صلاحيت ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

اهڙي طرح ان تيل جون ٻي به گھڻيون خاصيتون آهن جيڪي اوهان جي وارن کَل لاءِ بهترين فائدا رکن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.