بلاول سعيد جو مداحن کي مائيڪ وهائي ڪڍڻ جي واقعي تي بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار بلال سعيد گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي بابت انسٽاگرام اسٽوري تي وضاحت ڪئي آهي.
گلوڪار پنهنجي اسٽوري تي لکيو ته اسٽيج مون لاءِ پوري دنيا آهي، اسٽيج تي پروفارم ڪرڻ وقت آئون سدائين پاڻ کي مڪمل ۽ زندهه محسوس ڪندو آهيان.
هن لکيو ته ان دوران پنهنجي بيماري، پريشاني وساري ڇڏيندو آهيان ۽ جڏهن آئون پنهنجن مداحن لاءِ پرفارم ڪندو آهيان ته پنهنجي هر شيءِ کي پوئتي ڇڏي ڏيندو آهيان، ڪجهه به ٿي وڃي منهنجي اسٽيج لاءِ جيڪا عزت آهي ان جي وچ ۾ ڪجهه به نٿو اچي سگھي، مون کي پنهنجن مداحن سان محبت آهي ۽ اۡڪثر ٻنهي پاسن کان محبت تمام گھڻي به ٿي سگھي ٿي.
گلوڪار تازي ڪانسرٽ دوران ٿيل واقعي تي لکيو ته ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو ڪنهن ڪانسرٽ دوران مون سان بدتميزي ٿي هجي پر اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو آئون ائين ڪيو مون کي اسٽيج نه ڇڏي نه وڃڻ گھرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.