عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ تي 83 ملين ڊالر ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 83 ملين ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو.
نيويارڪ جي جيوري ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنوڳ ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ليکڪه جين ڪيرول کي 83 ملين ڊالر ڏيڻا پوندا، جن کي ڊونلڊ ٽرمپ سرعام ڪوڙو چيو ۽ سندس توهين ڪئي هئي.
جين ڪيرول الزام لڳايو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ مٿس جنسي حملو ڪيو هو.
اڳوڻي آمريڪي صدر فيصلي کي کَل جوڳو قرار ڏيندي ڏنڊ خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جي مضبوط صدارتي اميدوار آهي، هو آئيوا ۽ نيوهيمپشائر ۾ پارٽي نامزدگي کٽي چڪو آهي ۽ هاڻي هن ڏکڻ ڪيرولائنا تي نظرون ڄمائي رکيون آهن، جتي ريپبلڪن پارٽي جي اڳواڻ نڪي هيلي سان سندس مقابلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.