جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو سربراهه ٽيڊروز ايڍانوم گيبرياسس غزا جي صورتحال تي ڳالهائيندي لڙڪ لاڙي ويٺو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جو ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروز ايڍانوم گيبرياسس گورننگ باڊي کي خطاب ڪندي غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ اسرائيل فلسطين تڪرار جي حقيقي حل جو مطالبو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن جن مان اڌ انگ عورتن ۽ ٻارڙن جو آهي، خوراڪ جي کوٽ الڳ مسئلو آهي. ان صورتحال غزا کي دوزڪ بڻائي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آئون پاڻ جنگ جي ڏکئي تجربي مان گذري چڪو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نٿي آڻي سگھي سواءِ وڌيڪ جنگ، وڌيڪ نفرت، وڌيڪ اذيت ۽ وڌيڪ تباهي جي.
ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري جي سربراهه جو چوڻ هو ته اچو ته امن جي چونڊ ڪريون ۽ ان مسئلي کي سياسي طور تي حل ڪريون، منهنجي خيال ۾ اوهان ٻه رياستي حل جو چيو آهي ۽ اميد آهي ته ان سان اهو جنگ ختم ٿي ويندي.
You might also like