سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي سرڪاري وڪيل مقرر

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي وڪيلن جي نه اچڻ تي اسٽيٽ ڊفينس ڪائونسل کي صفائي واري وڪيل طور مقرر ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جي ۾ قائم خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي وڪيلن جي اڄ به عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيڻ تي عدالت اسٽيٽ ڊفينس ڪائونسل مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ملڪ عبدالرحمان، پي ٽي آءِ باني لاءِ ڊفينس ڪائونلس هوندو جڏهن ته شاهه محمود قريشي لاءِ يونس شاهه ڊفينس ڪائونسل هوندو ، ٻنهي سرڪاري وڪيل جوابدارن طرفان صفائي واري وڪيل طور پيش ٿيندا.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسٽيٽ ڪائونسل جوابدارن نمائندگي ڪندي شاهدن کان آڏي پڇا ڪندا.
عدالتي فيصلي تي شاهه محمود قريشي تپي باهه ٿي ويو ۽ هن جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ اسٽيٽ ڊفينس ڪائونسل يونس شاهه کان فائل کسي ڀت ۾ وهائي ڪڍيو.
ياد رهي ته ڪالهه خاص عدالت عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي وڪيلن جي مسلسل پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.