ارشاد رانجهاڻي قتل، عدالت چئن سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي )ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو چئن سالن کانپوءِ ٻڌائي ڇڏيو آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

عدالت ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي فيصلي ۾ عدالت چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار رحيم شاهه کي ڇهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاھه عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آھي،ڪيس ۾ ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن.

ياد رهي ته ارشاد رانجھاڻي جو قتل ڪيس شاھه لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019 تي داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.