هنداڻو فلسطينين جي هڪ طاقتور علامت آهي. پر بهترين ميوو فلسطينين جي يڪجهتي جو نشان ڪيئڻ بڻيو اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي.
هنداڻي جو فسلطيني علامت جي طور استعمال ڪا نئين ڳالهه ناهي. اها علامت پهريون ڀيرو 1967ع ۾ ان 6 ڏينهن واري جنگ کان پوءِ اڀري، جڏهن اسرائيل جي اولهه ڪناري ۽ غزا تي قبضو ڪيو ويو ۽ اوڀر يروشلم جو الحاق ڪيو ويو.
ان وقت اسرائيلي حڪومت غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ فلسطيني جنڊي جي عوامي نمائش مجرماڻو ڏوهه قرار ڏنو هو.
پابندي کان بچڻ لاءِ فلسطينين هنداڻي جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو، ڇو جو ڪٽيل هنداڻي ۾ اهي ئي رنگ شامل آهن جيڪي فلسطيني جهنڊي ۾ هوندا آهن يعني، ڳاڙهو، سائو، اڇو ۽ ڪارو.