ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ چئن ڄڻن جي مارجڻ ۽ عورتن سميت ٻين جي زخمي ٿيڻ واري معاملي ۾ واقعي جي جوڊيسل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڪيلن جي درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار وڪيل حيدر امام سانحي بابت هيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته طاقت جو اجايو استعمال ڪيو ويو. عدالت ڪميشن جي رپورٽ کي عدالتي رڪارڊ جوحصو بنائي ورتو.
عدالت درخواست گذار وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته وڏي وزير جاچ ڪاميٽي ٺاهي آهي، ان سان رابطو ڇو نٿا ڪريو.
وڪيل چيو ته ايس ايس پي جي رپورٽ تي خدشا آهن، جيڪو آفيسر عدالت ۾ شهرين کي دهشتگردي ٻڌائي ٿو ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟ اڃا به لياقت جلباڻي سميت 4 کان 5 شهري پوليس جي حراست ۾ آهن.
عدالت ۾ ايس ايس پي نوابشاهه چيو ته پوليس جي حراست ۾ ڪو شهري ناهي، واقعي واري هنڌ پوليس هٿياربند نه هئي، هٿيار رينجرز وٽ هئا.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته سيشن ججز ماضي ۾ سٺي جاچ ڪئي آهي، ڪنهن سيشن جج کي مقرر ڪيون ٿا. وڪيل چيو ته معاملو ڳنڀير اهي، هاءِ ڪورٽ جي حاضر يا ريتائرڊ جج کان جاچ ضروري آهي.
عدالت چيو ته هڪ درخواست وڏي وزير کي ڏيو شايد اهو ان تي غور ڪري. پوليس کي ڪم ڪرڻ ڏيو، موقعي جي شاهدن جا بيان قلمبند ٿيڻ ڏيو.
وڪيلن جو موقف هو ته اهي ئي قاتل، اهي ئي جاچ آفيسر؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي.
جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏنا ته اسان کي الله سائين عقل ڏنو آهي، ان موجب فيصلو ڪنداسين، شاهديون ته گڏ ٿيڻ ڏيو.
اوهان جاچ جي خامين تي نظر رکو، انهن کي ختم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪريو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي رڪارد سميت طلب ڪري ورتو جڏهن ته ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
ياد رهي ته 28 سيپٽمبر تي سڪرنڊ جي علائقي ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ 4 ڳوڍاڻا مارجي ويا هئا.