ڌاڙيلن جي شامت، سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جو گڏيل گرينڊ آپريشن جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڌاڙيلن خلاف پنجاب ۽ سنڌ مان هڪ ئي وقت آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي حملي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۽ پنجاب جي نگران وڏن وزيرن پنهنجي لاڳاپيل چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس سان گڏ ٻنهي صوبن جي دريائي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن شروع ڪرڻ جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي سان سندس سڌ سماءَ واري وزير عامر مير، چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان ۽ آءِ جي پوليس عثمان انور شريڪ ٿيا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جسٽس مقبول باقر سان سندس گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار ميمڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪلين اپ آپريشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

انسپيڪٽر جنرل آف پوليس پنجاب اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مکيه ڪچو علائقو راجن پور ضلعي ۾ اچي ٿو پر گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي وارا علائقا رحيم يار خان جي ڀرسان آهن.

بريفنگ ۾ دوران سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته راجن پور ۾ ست ٻيٽ آهن جيڪي رحيم يار خان کي به متاثر ڪن ٿا جن ۾ڪچو ڪراچي، ڪچو عمراڻي، ڪچو حيدرآباد، ڪچو بنون، ڪچو مورو، ڪچو جمال، ڪچو کوپڙو شامل آهن.

اجلاس ۾ ٻنهي وڏن وزيرن ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن ۾ ملوث گروهن، سندن مجموعي طاقت، پوزيشن ۽ سنڌو درياهه جي گهاٽي ٻيلن ۾ ڳجهن هنڌن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ٻنهي وڏن وزيرن اتفاق ڪيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن کان حملا ڪيا وڃن ته جيئن هڪ ئي ڀيري هن داغ کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي.

ان موقعي تي وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته مان سکر ۽ گهوٽڪي جو دورو ڪندي اتي 2 ڏينهن ترسيو آهيان ته جيئن ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ مون پوليس کي ضروري خريداري سميت آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس سان گڏيل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي مڪمل منظوري ڏني آهي.

وڏي وزير چيو ته مون ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا آهن.

ٻنهي وڏن وزيرن پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي مشاورت سان سامان، گيجٽس، موبائيل جيمرز، ڪال انٽرسيپٽرز جي چيڪ لسٽ تيار ڪئي ۽ ٻنهي صوبن مان هڪ ئي وقت آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي حملي جو فيصلو پڻ ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن جي سهولتڪارن ۽ اطلاع ڏيندڙن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به قسم جي معلومات ٻاهر نڪرڻ کانسواءِ آپريشن شروع ڪري سگهجي.

پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي چيو ته اجلاس جو مقصد آپريشن جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ هو ڇوته ٻنهي صوبن جي پوليس گڏجي ان لعنت کي ختم ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.