دپيڪا جي مڙس رنوير سان رشتي ۾ هجڻ باوجود ٻين مردن سان لاڳاپن جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته هو رنوير سنگهه سان رشتي ۾ هئي ان جي باوجود هن ٻين ماڻهن سان رشتو قائم ڪيو.

مشهور فلم ساز ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر جي مشهور ۽ تڪراري ٽاڪ شو ”ڪافي ود ڪرن“ جي نئين سيزن جي پهرين قسط ۾ رنوير سنگهه ۽ سندس زال دپيڪا پڊوڪون شرڪت ڪئي.

شو دوران دپيڪا پنهنجي ماضي جي رشتن بابت ڳالهايو ۽ انڪشاف ڪيو ته هوءَ شروعاتي طور تي هڪ پرعزم رشتي جي ڳولا ۾ نه هئي، رڳو اڪيلي رهي زندگي جو مزو وٺڻ چاهي پئي ۽ پنهنجي ماضي جي رشتن مان اڀرڻ چاهي پئي.

هن چيو ته مون ٿوري دير لاءِ سنگل رهڻ چاهيان پئي، ڇو جو ڪجهه ڏکين رشتن مان نڪري آئي هيس، آئون هڪ اهڙي مرحلي مان گذري رهي هيس جتي آئون سوچيو ته آئون غير اڻ لاڳاپيل رهڻ چاهيان ٿي ۽ ڪمٽمينٽ نه پئي ڪرڻ چاهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.