غير قانوني پرڏيهين کي پناهه ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي:حارث نواز

سنڌ جي نگران گھرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته مهمان نوازي گهڻي ٿي، هاڻي وڌيڪ بار نٿا کڻي سگهون، پهرين نومبر کان سختي سان عمل ڪري غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڏيهه واپس موڪليو ويندو.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حارث نواز چيو ته پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري مهلت ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته افغانين کي چمن بارڊر وسيلي اماڻيو ويندو ادارن جي مدد سان تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي پاڻمرادو هليا وڃن ڪو به غيرقانوني طور رهندڙن کي پناهه ڏيندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.