خيرپور: ڳوٺاڻن جو بااثر ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، تحفظ ۽ انصاف جي گھر

خيرپور ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو نظر علي جي رهواسين بااثر ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف دانهيندي انصاف ۽ تحفظ جي گھر ڪئي آهي.

اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد جي رهواسن مسمات انيلا ۽ عباد علي مري پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري عدنان خان مري پوليس سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته بااثر وڏيري جي چرچ تي پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد نبن خان مري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ گھر ۾ پيل روڪ رقم، سون  ۽ ٻيو سامان به کڻي وئي آهي.

متاثر ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر وڏيري ۽ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.