”پاڪستان خطرناڪ ٽيم آهي، اسان جيئن کيڏي رهيا آهيون ائين ئي کيڏنداسين“

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان ٽيمبا باووما جو چوڻ آهي ته پاڪستان خطرناڪ ٽيم آهي، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي هو پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ کيڏي.

چنائي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيمبا باووما چيو ته اسان ائين ئي کيڏنداسين جيئن کيڏي رهيا آهيون.

هن چيو ته پاڪستان جي طاقت ۽ ڪمزوري جو جائزو ورتو آهي، پاڪستان جي ڪمزورين مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيوته اندازو آهي ته پاڪستان خطرناڪ ٽيم آهي، پاڪستان هينئر تائين پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، ٿي سگهي ٿو سڀاڻي هو بهترين ڪرڪيٽ کيڏي.

هن چيو ته ڪنڊيشن ڏسي فائنل اليون جو فيصلو ڪبو، پِچ مطابق ئي اسڪور بابت ذهن ٺاهيندا آهيون.

ٽيمبا چيو ته اسان لاءِ اهم آهي ته ٽورنامنيٽ جي بهتر کان بهتر راند جو مظاهرو ڪيون، افغانستان واري ميچ ۾ ڏٺو ته هتي پوءِ بيٽنگ ڪرڻ آسان آهي.

هن چيو ته اسان هنيئر تائين پهريان کيڏندي سٺو پرفارم ڪيو آهي، پهريان بيٽنگ ڪيون يا بعد ۾ هڪ مائنڊ سيٽ سان کيڏڻ جو ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.