دائود انجينيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جو يونيورسٽي جي انتظاميا خلاف ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته نئين آيل وي سي اچڻ سان ئي يونيورسٽي جي ملازمن کي برطرف ڪري بيروزگاري ڪري ڇڏيو آهي ڪيترن ئي شاگردن جون يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ جي الزام هيٺ داخلائون رد ڪيون ويون آهن.
شاگردن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي اندر پيئڻ جي صاف پاڻي انٽرنيٽ، صفائي سٿرائي سميت ڪي به سهولتون موجود ناهن، آواز اٿارڻ تي انتظاميا پاران داخلائون رد ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
هنن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي اندر سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا تي عمل ڪرڻ بدران ٻهراڙي جي ڪوٽا ختم ڪئي پئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن شاگردن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي وي سي فوري طور تي هٽائي شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.