ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي شهيد بينظير آباد عدالت آڏو بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم هئا، مارجي ويل ڳوٺاڻن خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي.
ايس ايس پي جو چوڻ هو ته چارئي ڳوٺاڻا ڳوٺ ۾ لڪي ويٺل ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
عدالت ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن پوليس ۽ رينجرز پهتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ ئي ڇتين تي تيار ويٺا هئا؟
سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آءِ ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن .
عدالت سنڌ حڪومت ۽ رينجرز کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي.
عدالت ۾ ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته واقعي جي وڏي وزير جي آءِ ٽي جوڙي آهي،ان تي ڪم ٿي رهيو آهي .
درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي ۽ ٻين پاران واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي ۽ گهر ڪئي وئي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ايس ايس پي حيدر رضا عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي وقت ڳوٺ ۾ ڏوهاري موجود هئا، جن جي فائرنگ ۾ 4 بي گناهه ڳوٺاڻا مارجي ويا.