سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان انٽرنيشل ايڪارڊ جي وفد ملاقات ڪئي آهي ملاقات دوران وڏي وزير کي وفد پاران ٻڌايو ويو ته 79 برانڊز پاڪستان ايڪارڊ تي صحيحون ڪيون آهن ۽ پروگرام تحت ست لک کان وڌيڪ مزدورن کي روزگار ملندو.
ملاقات دوران وڏي وزير ۽ وفد وچ ۾ صوبي ۾ گارمينٽس انڊسٽري ۾ حفاظتي خطرن بابت سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايڪارڊ وفد جي ميمبرن ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر فار فائر اينڊ سيفٽي ماهر ڪينيڊين بريڊ لوون، ٽيڪنيڪل ايڊوائزر فار فائر اينڊ سيفٽي انجنيئر ڊينيئل اينٽونيلز، فرانس جي هيڊ آف پاليسي اينڊ اڪائونٽبليٽي ان انٽرنيشنل ايڪارڊ مس ويرونيڪ ڪيمر ي ۽ پاڪستان ڪنسلٽنٽ ذوالفقار شاهه شامل هو.
ملاقات دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايڪارڊ ماڊل بنگلاديش ۾ 2013ع کان ڪاميابيءَ سان لاڳو آهي. بنگلاديش هاڻي دنيا جي محفوظ ۽ شفاف تيار ٿيل ڪپڙن جي صنعتن مان هڪ آهي. 2000 کان وڌيڪ فيڪٽرين جو معائنو ڪيو ويو آهي، 120000 حفاظتي خطرن کي درست ڪيو ويو آهي ۽ 20 لک کان وڌيڪ مزدورن کي ڪم جي جاءِ تي حفاظت لاءِ سکيا ڏني وئي آهي ۽ حفاظتي شڪايت جي طريقيڪار تائين رسائي حاصل ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڌارن بنگلاديش کي عالمي ڪپڙن جي برانڊن لاءِ هڪ بهتر آپشن بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان ملڪ جي برآمدات ۾ مدد ملي ۽ ڪپڙي جي پيداوار لاءِجٽادار اميج سامهون آئي آهي 79 برانڊز پاڪستان ايڪارڊ تي صحيحون ڪيون آهن ۽ انهن برانڊز کي فراهم ڪندڙ 470 فيڪٽرين جي فهرست آهي جنهن پروگرام تحت 700000 کان وڌيڪ مزدورن کي روزگار ڏيڻ جو ڪاٿو آهي.
وفد وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته اسان کي پختو يقين آهي ته پاڪستان ڪم جي جڳهه جي حفاظت ۾ سڌارن ۽ وڌيڪ پائيدار ڪاروبار کي ڌيان ڇڪرائڻ بابت ACCORD پروگرام مان فائدو حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. يورپ ۾ نئين ڊيليگينس قانونن جي تعارف سبب عالمي برانڊز هاڻي وسيلن لاءِ محفوظ مارڪيٽون ڳولي رهيون آهن. ايڪارڊ، هڪ قابل اعتماد ۽ ڀروسي مند حفاظتي پروگرام تحت 180 کان وڌيڪ برانڊز جي حمايت حاصل آهي، ملڪ جي عالمي اعتبار ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندو.
ان موقعي نگران وڏي وزير جسٽس باقر چيو ته هو اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جتي هر ڪم ڪندڙ حفاظتي قدمن تحت ڪم ڪري سگهي بلديا فيڪٽري سانحو هڪ ڀوائتو مثال آهي.
وڏي وزير ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته ايڪارڊ سان هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وڃن ته جيئن گارمينٽس انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي خطرن کان بچائي سگهجي.