ڌاڙيلن کي ڀوتارن جي حمايت آهي، سنڌ کي واڳن جي وات مان ڪڍنداسين: راشد محمود

قمبر/ نصيرآباد/ ميهڙ (نمائندن وٽان) جي يو آءِ سنڌ جو امن مارچ  منزل طرف روان دوان آهي، سنڌ امن مارچ جو لاڙڪاڻي، قمبر، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ استقبال ڪيو ويو، مارچ ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي  جي ڊي اي اڳواڻن سان گڏ شريڪ ٿيو.

امن مارچ کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته موجوده پيپلزپارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي عوام کان ووٽ وٺي عوام کي بک بدحالي بيروزگاري ڏني آهي، ڪچي توري پڪي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، هن ڀيري پيپلزپارتي جي تڏا ويڙهه ڪنداسين.

مارچ کي راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي يو آءِ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي واڳن جي وات مان نجات ڏيارڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌ سموري بدامني جي باھ ۾ ٻري رهي آهي هتي نه غير مسلم محفوظ آهن نه وري مسلمان نه وڏڙا محفوظ آهن نه وري معصوم، ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي جي ڌاڙيلن پ پ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي ۽ انهن جي ئي اشاري تي اغواڪارين سميت پوري سنڌ ۾ قتل غارتگري هلي رهي آهي،  مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بشير خان قريشي سميت علامه خالد محمود سومرو جو قتل هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي،

راشد محمود سومرو چيو ته پوري سنڌ سميت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي هتي قبيلائي جهيڙن سبب ڪيتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.

هن سنڌ حڪومت طرفان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کي ملندڙ سالياني بجيٽ جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته رڳو پوليس ڊپارٽمينٽ کي ساليانو 2ارب 72 ڪرڙو روپيا ڏنا ويا پر هتي عوام پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي ٻڌايو وڃي ته ايترو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته صرف شهرن جي صفائي سٿرائي لاءِ هڪ ارب 72 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا پر شهرن ۾ صفائي جي نالي تي مٽي اڏامي رهي آهي، هن چيو ته عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي هڪ ارب 76 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا پر عوام کي بخار ۽ مٿي جي سور جي ٽڪي جي اسپتالن ۾ ڪو نه ٿي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.