آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جو ذميوار احسان الله احسان گرفتار

لاهور (عوامي آواز نيوز) طالبان جو اڳوڻو ترجمان آرمي پبلڪ اسڪول واقعي جي ذميواري قبول ڪندڙ احسان الله احسان گرفتار ٿي ويو آهي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اڳوڻي طالبان ترجمان احسان الله احسان وڏي بي حسيءَ سان آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو ۽ ذميواري قبولي هئي. وڏي ڳالهه ته پاڪستان جي ادارن احسان الله احسان کي گرفتار به ڪيو هو پر اوچتو خبر آئي هئي ته احسان الله قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حراست مان فرار ٿي ويو هو.

ان کانپوءِ خبر آئي ته هو ترڪي فرار ٿي ويو هو. هاڻي خبر آئي آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ احسان الله ايران رستي افغانستان پهتو هو ۽ هڪ مقامي طالبان ڪمانڊر جي گهر ۾ پناهه ورتل هو،  نمرود جي علائقي مان احسان الله احسان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هاڻي احسان الله احسان جي قسمت ۽ مستقبل جو فيصلو افغان طالبان ڪندا. چيو وڃي ٿو ته احسان الله کي ترڪيءَ ۾  قانوني پيچيدگيون هيون ان ڪري هو خاندان سميت افغانستان منتقل ٿيڻ جي ارادي سان آيو هو.

ياد رهي ته آرمي پبلڪ اسڪول جا سوين معصوم شاگرد ڌماڪي ۽ فائرنگ ۾ شهيد ڪيا ويا هئا، جنهن واقعي جي ذميواري ان وقت جي طالبان ترجمان جي حيثيت ۾ احسان الله احسان قبولي هئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 26 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.