اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته پرڏيهين جي نيڪاليءَ بابت الٽيميٽم غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ موجود سمورن پرڏيهين لاءِ آهي، اهو تاثر غلط آهي ته صرف افغان شهرين کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون، پهرين نومبر کان صرف پاسپورٽ ۽ ويزا تي ئي پاڪستان ۾ داخلا ملي سگهندي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اسان غير قانوني رهندڙ ماڻهن بابت ڳالهه ڪئي هئي پر ان جو غلط پيغام هلايو ويو، اسان غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ موجود سمورن ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي پر اهو پيغام ڏنو ويو ته شايد صرف افغان شهرين کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون. حڪومت جو پيغام صرف افغان شهرين لاءِ ناهي، سمورن غير قانوني رهندڙ ماڻهن لاءِ آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته ڪو غير قانوني طور تي اچي ويهي رهي. اجلاس دوران نگران گهرو وزير جي آغا رفيع الله سان ڳالهه ٻولهه به ٿي جنهن ۾ هن چيو ته توهان گهرو وزارت اچو اتي توهان کي بريفنگ ڏيندس. توهان کي ٻُڌائيندس ته حڪومت ڇا ڪري سگهي ٿي ۽ قانون ڪهڙي اجازت ڏئي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۾ غيرقانوني رهندڙ بهارين جو معاملو منهنجي علم ۾ ناهي، پر ان معاملي کي ڏسنداسين، هن چيو ته ايران مان غيرقانوني رهندڙ بلوچ پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن، پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله ڪراچي ملير ۾ رهندڙ هزارين بهارين کي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته بهارين هن ملڪ لاءِ پنهنجون جانيون پيش ڪيون پوءِ به قوم بهارين کي شهري تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهي،جنهن تي پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو مخالفت ڪندي چيو ته بهاري پاڪستاني ناهن، بهارين ۽ ٻين ڌارين سبب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيف الله ابڙو چيو ته اسان پرڏيهين جي مخالفت ڪئي، پ پ وارا اسٽينڊنگ ڪميٽي کي مس گائيڊ ڪري رهيا آهن، اسان جا سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، سيف الله ابڙو سنڌ جو ڪيس وڙهندو، سرفراز بگٽي ان معاملي تي گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي هتان وڃڻ لاءِ ڏنل پهرين نومبر جي تاريخ ۾ اڃا تائين واڌ جي تجويز پيش ناهي ڪئي وئي، اسان جو يقين آهي ته اسان کي پهرين نومبر کان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته ڪير به ان ملڪ ۾ ايندو ته پاسپورٽ کڻي ايندو، ان معاملي کي لساني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر جيڪو به پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهيل هوندو، اسان ان کي هتي رهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي سفارتي مداخلت ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ان جي ضرورت آهي.