بالي ووڊ جي خانن سان ذاتي جهيڙو ناهي:ڪنگنا رناوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪراري بيانن سبب شهرت رکندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت واضح ڪيو آهي ته بالي ووڊ جي خانن يعني سلمان، شاهه رخ ۽ عامر خان سان سندس ذاتي جهيڙو ناهي، هوءَ سندن فلمن ۾ عورتن جي ڪردار کي غير اهم ڪرڻ تي هنن کان ناراض آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت پنهنجي ايندڙ فلم جي مشهوري دوران هڪ انٽرويو م واضح ڪيو ته بالي ووڊ جي خانن سان سندس ذاتي جهيڙو ناهي.
اداڪارا موجب هن سدائين رڳو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي ته بالي ووڊ خانن جي فلمن ۾ عورتن جي ڪردارن کي نه رڳو غير اهم ڪردار ڏنو ويندو آهي پر انهن کي مختصر به رکيو ويندوآهي.
هن چيو ته هوءَ بالي ووڊ جي خانن ۽ سندن هيروئنز وچ ۾ عمر جي فرق بابت ڳالهائيندي رهي آهي، عام طور تي هنن جون هيروئز بڻجندڙ اداڪارائون ڪجهه ئي سالن ۾ فلمن ۾ ماءُ جيڪردار ۾ نظر اينديون آهن.
هن واضح ڪيو ته سلمان خان، شاهه رخ ۽ عامر سوڌو بالي ووڊ جي ڪنهن به خان سان ڪو به ذاتي مسئلو يا جهيڙو ناهي پر هو ڪم جي سلسلي ۾ انهن بابت ڳالهائيندي رهندي آهي.
اداڪارا اعتراف ڪيو ته هاڻي بالي ووڊ ۾ ڪجهه تبديليون ٿيون آهن ۽ خانن لاءِ 35 کان 40 ورهين جون اداڪارائون ڪاسٽ ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.