انفنڪس جو بهترين ڪيمرائن وارو ”زيرو 30 فائيو جي“فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

سمارٽ فونز ٺاهيندڙ چيني ڪمپني انفنڪس طرفان گذريل مهيني سيپٽمبر جي شروعات ۾ متعارف ڪرايل فون ”زيرو 30 فائيو جي“ کي پاڪستان ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪمپني فون کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائيندي ان جي قيمت به گھٽائي ڇڏي آهي ۽ هڪ ئي مهيني ۾ 10 هزار رپين جي ويجهو ان جي قيمت گھٽ ڪئي وئي آهي.
”زيرو 30 فائيو جي“ جي سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ 50 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئيآهي، جنهن جا سينسرز به اپگريڊ ڪيا ويا آهن.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڄاڻايل فون ولاگز لاءِ هيل تائين جو سڀ کان بهترين فون آهي، جنهن سان شاندار ولاگز بڻائي سگھجن ٿا.
اهڙيءَ طرح فون جي بيڪ تي به ٽي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن ۽ ڪيمرائن جي ميگا پڪسل وڌائڻ سوڌو ان جي سينسرز کي به اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
”زيرو 30 فائيو جي“ جي بيڪ تي 108 ميگا پڪسل جي مين ڪيمران ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻيو 13 جڏهن ته ٽيون 2 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي.
اهڙيءَ طرح فون جي فرنٽ تي ڏنل 50 ميگا پڪسل ڪيمرا جي سينسرز کي به اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
فون جي اسڪرين 6.87 انچ رکي وئي آهي جڏهن ته پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ ان ۾ 68 واٽ جو چارجر ڏنو ويو آهي.
فون ۾ اينڊرائڊ 13 جو آپريٽنگ سسٽم جڏهن ته اوڪٽا ڪور جو سي پي يو به ان جو حصو آهي.
”زيرو 30 فائيو جي“ کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچرز به ڏنا ويا آهن ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان ۾ سيڪيورٽي فيچرز کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
ڪمپني فون ۾ بهترين ٽيڪنالوجي رکندڙ ڪيمرا استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي گذريل مهيني يورپ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻ ان کي پاڪستان سوڌو سڄي خطي جي ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ ان کي متعارف ڪرائڻ جي موقعي تي ڪمپني طرفان ايونٽ به منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مشهور شوبز شخصيتن ۽ ولاگرز به شرڪت ڪئي.
ڪمپني سيپٽمبر ۾ ان کي متعارف ڪرائڻ وقت ان جي 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت پاڪستاني هڪ لک 8 هزار رپين تائين ٻڌائي وئي هئي.
پر هاڻي ڪمپني ان کي پاڪستان ۾ 1 لک رپين کان به گھٽ قيمت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيوآهي جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري ماڊل جي قيمت ان کان به گھٽ رکي وئي آهي.
گڏيل طور تي فون کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ وقت ان جي قيمت ۾ 8 کان 10 هزار رپيا گھٽتائي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.