”عمران خان اڄ به منهنجو ليڊر آهي، ايوان صدر ۾ نه ته جيل ۾ هجان ها“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن مان ايوان صدر ۾ نه هجان ها ته جيل ۾ هجان ها.
نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ عارف علوي چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين اڄ به منهنجو ليڊر آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس مان نه موڪليو هو، وزيراعظم هائوس مان آيو هو ۽ پوءِ اڳوڻي وزيراعظم به چيو هو ته اهو ريفرنس نه موڪلڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 57 ۾ ترميم آئين جي خلاف آهي، يقين ناهي ته جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.