ڊِچ ٽيم ڪينگروز جي قهر کان نه بچي سگهي، آسٽريليا ورلڊ ڪپ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 24 ميچ ۾ آسٽريليا نيڌرلينڊز کي 309 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فتح حاصل ڪري ورتي.

آسٽريليا جي 400 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي نيڌرلينڊز جي پوري ٽيم 21 هين اوور ۾ 90 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

نيڌرلينڊز طرفان وڪرم جيت سنگهه 25 ۽ تيجاندا منورو 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ان کانسواءِ سيابرانڊ 11 ۽ ڪولن ايڪرمين 10 رنسون ٺاهيون جڏهن ته لوگن وين بيڪ، وين ڊر ميروي ۽ پائول وين ميڪرمين کاتو به نه کولي سگهيا.

آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا چار، مچل مارش ٻه، مچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ ۽ پئٽ ڪمنز هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ورلڊ ڪپ تاريخ جي تيز ترين سينچري اسڪور ڪرڻ تي گلين ميڪسويل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ميچ ۾ آسٽريليا نيڌرلينڊز کي 309 رنسن تان شڪست ڏني اِها ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي،

ان کان اڳ آسٽريليا افغانستان کي 2015ع واري عالمي ڪپ ۾ 275 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

نيڌرلينڊز خلاف آسٽريليا جي ڪاميابي ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٻي وڏي فتح پڻ آهي، ان کان اڳ ڀارت سريلنڪا کي 317 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

ان کان اڳ دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو .

آسٽريليا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 399 رنسون ٺاهيون، ڊيوڊ وارنر 104 ۽ گلين ميڪسويل 106 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

ان کانسواءِ اسٽيو سمٿ 71 ۽ مارنس لبيوشين 62 رنسون ٺاهيون جڏهن ته جوش انگلس 14، مچل مارش 9 ۽ ڪيمرون گرين 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، پيٽ ڪمنز 12 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

نيڌرلينڊز طرفان لوگن وين بيڪ ڏهن اوورن م 74 رنسن عيوص چار رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته  بيس ڊي ليڊا ٻه وڪيٽون ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.