عالمي جاچ اداري انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو سگريٽ پيئندا آهن، جڏهن ته ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو نسوار جو استعمال ڪن ٿا.
پاڪستان ۾ ٽوبيڪو ڪنٽرول جي صورتحال بابت عالمي جاچ اداري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو سگريٽ ڇڪيندا آهن ۽ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ نسوار جو استعمال ڪندا آهن.
پاڪستان ۾ ٽوبيڪو صورتحال تي رپورٽ عالمي اداري ٽوبيڪو هارم ريڊڪشن جي تيار ڪيل آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٽوبيڪو ڪنٽرول جا بهتر طريقي اختيار ڪرڻ سان 12 لک حياتيون بچائي سگهجن ٿيون.
عالمي اداري رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ تماڪ واپرائيندڙ بالغ ماڻهن جو مجموعي انگ ٻه ڪروڙ 39 لک آهي، 6 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ويپنگ ۽ اي سيگريٽ استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 59 لک کان وڌيڪ ماڻهو نسوار جو استعمال ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ تماڪ تان تيار ڪيل شيون واپرائيندڙن جو انگ 15 ڪروڙن تائين آهي.
Next Post
You might also like