انٽرنيٽ تي واڳون وڪرو ڪندڙ شخص گرفتار

انقرا (ويب ڊيسڪ) جانورن سان محبت فطري عمل آهي ۽ گھڻا ماڻهو ان شوق جي ڪري خطرناڪ قسم جي جاندارن کي به پاليندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي روز لاءِ ائين ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن.

هلندڙ مهيني استنبول ۾ پوليس هڪ ترڪ شهري کي سندس گھر ۾ خطرناڪ جانور پالڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.

ان شخص تي خطرناڪ جانورن کي مقامي قانون جي خلاف گھر ۾ رکڻ تي ڳرو ڏنڊ لڳايو ويو هو.

ترڪيه جي قانون موجب ان قسم جي جانورن جي پالڻا گھر ۾ منع آهي.

اسٽيٽ پوليس موجب ترڪ شهري واڳن کي پالي انهن کي انٽرنيٽ تي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هو ۽ هاڻ ان کي استنبول پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڇو جو ترڪي جي قانون موجب اهڙن جانورن جي خريد ۽ وڪري تي سزا آهي.

ترڪيه اسٽيٽ پوليس موجب شهري جي گھرن مان 3 ننڍا واڳون هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس کي اطلاع مليو هو ته اهو شهري پنهنجي گھر ۾ خطر ريڙهيون پائيندڙ جانور پالي رهيو آهي ۽ انهن جا تجربا به ڪري رهيو آهي.

ترڪ شهري واڳن کي انٽرنيٽ ذريعي وڪرو ڪري رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.