اسان جي چهري تي ڀرون ڇو هونديون آهن؟

پنهنجي ڀرسان موجود ماڻهن جا چهرا ڏسو يقينن هر هڪ جي کين جي مٿان ڀرون نظر اينديون.
وارن جون اهو ٻه پٽيون هر چهري تي نمايان نظر اينديون آهن پر انهن جو مقصد ڇا هوندو آهي؟
انسانن ۾ ڀرون مختلف سببن جي ڪري گھڻيون اهم هونديون آهن.
ڀرون پيشاني کان وهي ايندڙ پگھر کي اکين ۾ وڃڻ کان روڪڻ جو ڪم ڪنديون آهن ته جيئن اسان جي نظر درست ڪم ڪري سگھي.
ٻيو سبب وڌيڪ اهم ۽ دلچسپ آهي.
ڀرون ڳالهائڻ کانسواءِ به اسان جا تاثر ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪنديون آهن.
انهن سان مختلف انداز ۾ حرڪت ڏئي حيرت،ڪاوڙ اداسي، بي اعتباري، مونجهاري، همدردي ۽ مختلف ٻين جذبن جو اظهار ڪري سگھجي ٿو.
سڀ کان واضح تاثر حيرت جو هوندو آهي جنهن ۾ ڀرون مٿي چڙهي وينديون آهن ڇو جو حيرت جي جهٽڪي سبب اسان جو اکيون کُلي وينديون آهن.
اها بنيادي طور تي اسان طرفان ڀرپاسي جي منظر کي هر ممڪن حد تائين ڏسڻ جي ڪوشش هوندي آهي جنهن دوران ڀرون مٿي چڙهي وينديون آهن.
ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي وٺن تي به اسان جو اکيون پوريون کُلي وينديون آهن جنهن سان به ڀرون مٿي چرهي وينديون آهن.
هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مختلف ثقافتن ۾ تاثرن جي اظهار لاءِ ڀرون جو استعمال ڪرڻ جو انداز به مختلف هوندو آهي.
تاثر ظاهر ڪرڻ کانسواءِ ڀرون چهري جي سڃاڻپ ۾ به ڪردار ادا ڪنديون آهن.
انساني دماغ قدرتي طور تي چهرن تي گھڻو ڌيان ڏيندو آهي، حقيقت ۾ اهو ايتري گهرائي ۾ تجزيو ڪندو آهي جو گھڻو ڪري مختلف شين ۾ به چهرا نظر ايندا اهن.
تحقيقي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ڀرون ڪنهن به فرد جي چهري جي سڃاڻپ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جڏهن سڃاتل چهرن تي ڀرون غائب ٿي وينديون آهن ته اسان لاءِ انهن کي سڃاڻڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.