پاڪستان سيمي فائنل ۾ هن طريقي سان پهچندو

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 14 آڪٽوبر تي ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جا پير پنهنجي منزل تان ائين ٿڙي ويا جو هاڻ صورتحال اِها آهي جو ٽيم جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جو سفر هڪ ڀيرو وري ٻين ٽيمن جي هار کٽ تي اچي بيٺو آهي.

پاڪستان جي افغانستان هٿان شڪست کانپوءِ عالمي ڪپ جي گروپ اسٽيج تي پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊوڙائي وڃي ته ڀارت پهرين، نيوزيلينڊ ٻئي، ڏکڻ آفريڪا ٽئين ۽ آسٽريليا چوٿين نمبر تي موجود آهي شڪست باوجود پاڪستان جو نمبر پنجون آهي، جڏهن ته پاڪستان جي خلاف تاريخي ڪاميابي کانپوءِ افغانستان ڇهين نمبر تي پهچي ويو آهي.

پر هاڻ سوال اِهو ته پيدا ٿئي ته پاڪستان ٽيم جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جو ڪو رستو بچو آهي يا نه؟

ان حوالي سان اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته پاڪستان هاڻ به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿو پر ان لاءِ پاڪستان هاڻ وڌيڪ ڪنهن به ميچ ۾ شڪست برداشت نٿو ڪري سگهي.

پاڪستان جون چار ميچون اڃا باقي آهن، قومي ٽيم پهرين ميچ 26 آڪٽوبر تي ڏکڻ آفريڪا، 31 آڪٽوبر تي بنگلاديش، 4 نومبر تي نيوزيلينڊ ۽ 11 نومبر تي انگلينڊ خلاف ميدان تي لهندي.

سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان کي اِهي چار ئي ميچون لازمي کٽڻيون پونديون، جنهن کانپوءِ گروپ اسٽيج تي پاڪستان جون پوائنٽس 12 ٿي وينديون.

پهرين طريقو صفا سادو آهي جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي چار ئي ميچون سٺي رن ريٽ سان کٽي وڃي، ان کانپوءِ آسٽريليا پنهنجي 5 ميچن مان ٻه ميچون هارائي ته ان صورت ۾ پاڪستان جون 12 ۽ آسٽريليا جون 10 پوائنٽون هونديون جنهن کانپوءِ پاڪستان سولائي سان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو.

جيڪڏهن پاڪستان هاڻ ايندڙ چئني ميچن ۾ ڪا به ميچ هارائي وڃي ٿو ته پاڪستان جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان وڌيڪ گهٽجي ويندا پوءِ انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي پاڪستان خلاف ميچون کٽڻ بعد پوائنٽس تي مٿي هليا ويندا، پر جيڪڏهن پاڪستان ايندڙ ميچن ۾ هڪ کان وڌيڪ ميچون هارايون ته سيمي فائنل تائين پهچڻ سمورا در بند ٿي ويندا.

ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جا ٻيا به رستا آهن پر ڪو به رستو خطري کان خالي ناهي.

اوهان آگاهه ڪندا هلون آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ سمورين ٽيمون نوَ نوَ ميچون کيڏنديون ۽ گروپ اسٽيج جي پڄاڻي تي ٽاپ فور ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.