اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل تمام ننڍو ۽ ڪمزور آهي ايران خلاف ڪا به غلطي نه ڪري ۽ مطالبو ڪيو ته اسلامي ملڪ اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪن.
ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته اسرائيل جي حملن سان فلسطين جون اسپتالون ۽ مسجدون به محفوظ ناهن، اسرائيل جي بربريت پهريان کان وڌيڪ آهي بي رحم ۽ وڏي پيماني تي آهي.
هن چيو ته حملا انسان دوست پر جنگي اصولن جي به ابتڙ آهن ۽ صيهوني ظلمن تي عالمي طاقتن اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن.
ڊاڪٽر ايمري خبردار ڪيو ته اسرائيل تمام ننڍو ۽ ڪمزور آهي ايران خلاف ڪا به غلطي نه ڪري.
هن مطالبو ڪيو ته جيترن به اسلامي ملڪن اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن انهن کي ختم ڪن، اسرائيلي شين تي پابندي لڳائين ۽ معاشي لاڳاپا ختم ڪندي اسلامي ملڪ پنهنجا بارڊرز کولين ته جيئن فلسطينين جي امداد ٿي سگھي.
ايراني سفير جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهوي جنهن اسرائيل کي تسليم ناهي ڪيو، فلسطين تي اسلامي ملڪن جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو سٺو پر ناڪافي آهي، سعودي عرب ۽ خطي جا ملڪ سمجهي ويا آهن ته آمريڪا اڳ جهڙي طاقت ناهي رهيو.
ڊاڪٽر اميري چيو ته اسلامي ملڪن ۾ ڪوآرڊينيشن هجي ها ته صيهوني رجيم ان بربريت جي جرعت نه ڪري ها، صيهوني رجيم سان لاڳاپا قائم ڪندڙ مسلمان ملڪن کي چيو آهي ته اهي اسرائيل سان لاڳاپا ختم، اسلامي مزاحمت تي صيهوني رجيم ڊپ جو شڪار آهي ۽ مزاحمت ئي اسرائيل جي خاتمي ۽ بربادي جي شروعات آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپن جي حوالي سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي وڌائڻ جي نيت سان ڳالهين ۾ داخل ٿياسين، سٺن لاڳاپن لاءِ 50 سيڪڙو اسان کي ۽ 50 سيڪڙو سعودي عرب کي اڳتي وڌڻو آهي، اسان جو عزم آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن کي اڳتي وڌايون.
Next Post
You might also like