گٽڪي سمگلنگ ڪيس ۾ جيڪب آباد جي عدالت جوابدار کي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد جي عدالت گٽڪي سمگلنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار آدم پٺاڻ کي انوکي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ گٽڪو رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي هڪ سال تائين 50 نم جا وڻ پوکڻ ۽ انهن جو خيال رکڻ سميت ٻه لک رپيا ڏنڊ جي به سزا ٻڌائي.
جوابدار آدم پٺاڻ کي سزا ٻڌائيندي فاريسٽ کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي جوابدار طرفان وڻ پوکڻ ۽ انهن جو خيال رکڻ جي نگراني ڪن ۽ جوابدار هر مهيني فاريسٽ کاتي کي پنهنجي رپورٽ ڏيندو.
واضح رهي ته جوابدار کي هلندڙ سال 75 ڪلو گرام گٽڪي سميت گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.