هڪ سعودي شهري طرفان دعويٰ سامهون آئي آهي ته هن 42 شاديون ڪيون آهن، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ سعودي شهري پنهنجي شادين بابت ٻڌايو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي شهري مڪالمو ڪرڻ واري جي سامهون اهو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته هو ڪهڙي زال سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان اهڙي دعويٰ تي سعودي شهري کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
مڪالمي ۾ سعودي شهري چيو ته مان 42 شاديون ڪيون آهن، منهنجون سڀئي زالون سٺيون آهن.
هڪ واهپيدار سعودي شهري تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهن جون ڌيئرون توهان لاءِ راند ناهن ته روز روز شاديون ڪيو ۽ طلاق ڏيو.