نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن حماس جي مذمت جو مطالبو ڪندي چيو ته آمريڪا اسرائيل جي حفاظت ڪندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا کي اسرائيلي حملا نظر نه آيا ۽ حماس جي مذمت جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته حماس جي مذمت ڪري، گڏيل قومن کي ڪنهن به ملڪ جي پنهنجي دفاع جي حق جي منظوري ڪرڻ گھرجي.
انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته ڪائونسل جو ڪو به ميمبر، پنهنجي ماڻهن جي قتل عام کي برداشت نٿو ڪري سگھي، ضروري آهي ته اسان تڪرار ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪريون، اسان جو بنياد مقصد آهي ته هر شهري جي زندگي قيمتي آهي.
ايران جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته آمريڪا ايران سان جنگ نٿو چاهي، خطي ۾ ايران پراڪسي ويڙهه جي مذمت ڪريون ٿا، هاڻوڪن ڏينهن ۾ عراق ۽ شام آمريڪي اهلڪارن تي حملا ڪيا، آمريڪا نٿو چاهي ته جنگ پکڙجي پر ايران حملي جي غلطي نه ڪري.
آمريڪي پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته خطي ۾ ڪٿي به آمريڪي اهلڪارن تي حملو ٿيو ته دفاع ڪنداسين، ايران کي خبردار ڪريون ٿا ته اسرائيل خلاف ٻيو محاذ نه کولي.
سندس وڌيڪ چوڻ هوته آمريڪا اسرائيل جي حفاظت ڪندو،ڀائيوارن تي حملو نه ڪيو وڃي.
You might also like