ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انساني دماغ کائيندڙ جراثيم نگليريا سبب ڪراچي ۾ هلندڙ سال هيل تائين 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ماهرن خبردار ڪيو آهي ته پاڻي ۾ ڪلورين جو گهربل مقدار نه هجڻ سبب اهو وائرس موتمار بڻجي ويندو آهي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ ڪلورين جو گهربل مقدار نه هجڻ کي ماهرن نگلريا جي ڪري موت جو سڀ کان اهم ڪارڻ قرار ڏنو آهي.
ماهرن موجب مختلف ذريعن کان حاصل ڪيل پاڻي ۾ ڪلورين جو مقدار شامل نه ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي، جڏهن ته شهرين جي به ذميواري آهي ته اهي گهرن ۾ استعمال هيٺ انڊر گرائونڊ ٽينڪ ۽ پاڻي ذخيرو ڪندڙ جاين کي بليچ ذريعي صاف ڪن.
نگليريا سبب ڪراچي ۾ هلندڙ سال هيل تائين 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروس سنڌ موجب شهرين کي فراهم ڪئي ويندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جو مقدار لازمي شامل ڪيو وڃي.
You might also like