ميڪسويل ڊِچ بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، ورلڊ ڪپ تاريخ جي تيز ترين سينچري ٺاهي ورتائين

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي تيز ترين سينچري جڙي ورتي.

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي چويهين ميچ ۾ اڄ آسٽريليا ۽ نيڌرلينڊز جون ٽيمون دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون آهن.

آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز نيڌرلينڊز خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

ڪينگروز، نيڌرلينڊر جي بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، پهريان ڊيوڊ وارنر سينچري اسڪور ڪئي جنهن کانپوءِ گلين ميڪسويل ڪريز تي آيو ۽ چوڪن ڇڪن برسات ڪري ڇڏي.

ميڪسويل چاليهه بالن تي اٺ ڇڪن ۽ اٺ چوڪن جي مدد سان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جي تيز ترين سينچري اسڪور ڪئي.

هن نيڌرلينڊز خلاف 44 بال تي 106 رنسن جي اننگز کيڏي، آسٽريلوي بيٽر جي اننگز ۾ نوَ چوڪا ۽ اٺ ڇڪا شامل هئا.

ان کان اڳ اِهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا جي ايڊن مارڪم وٽ هو جنهن هلندڙ عالمي ڪپ ۾ ئي سريلنڪا خلاف ساڳي ئي ميدان تي 49 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.