ملڪ ۾ پلاسٽڪ ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جعلي ڪرنسي نوٽن جي روڪٿام لاءِ پلاسٽنگ ڪرنسي متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ جعلي نوٽن جو رجحان وڌي رهيو آهي، مارڪيٽ ۾ هڪ هزار جي جعلي نوٽ جو استعمال سڀ کان وڌيڪ آهي، اي ٽي ايم مشينن مان به جعلي نوٽ نڪري رهيا آهن، مان توهان کي هڪ هزار ۽ 5 هزار ماليت وارا جعلي نوٽ ڏيکاري سگهان ٿو.
ان موقعي تي سينيٽر محسن عزيز چيو ته 5 هزارن وارا ڪرنسي نوٽ بند ٿيڻ گهرجن، ان سان گهڻو ڪجهه بند ٿي ويندو.
اسٽيٽ بئنڪ گورنر ڪميٽي کي ڪرنسي نوٽن جا سيڪيورٽي فيچر تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جميل احمد چيو ته ان سان جعلي نوٽن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، مستقبل ۾ پوليمر ڪرنسي نوٽ به متعارف ڪرائڻ جو پلان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.