نادرا کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت نادرا کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ساڍا 12 هزار افغان شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سعودي عرب ۾ 12 هزار افغانين وٽان جعلي پاڪستاني پاسپورٽ برآمد ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ جاچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي.
ايف آءِ اي ذريعن موجب ڪوئيٽا ۽ پشاور مان ساڍا 5 هزار سڃاڻپ ڪارڊ افغان شهرين کي جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 593 افغانين کي اسلام آباد مان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيا.
هاڻ گهرو وزارت نادرا کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ساڍا 12 هزار افغان شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ پڪڙيل افغانين جا پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ رد ٿيڻ کانپوءِ ضبط ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.