ڳجهي ڄاڻ تائين پهچ لاءِ نئين سوشل انجنيئرنگ ٽيڪنڪ جي استعمال جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳجهي ڄاڻ تائين پهچ لاءِ نئين انجنيئرنگ ٽيڪنڪ جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي.
وفاقي حڪومت سڀني صوبن، وزارتن ۽ ڊويزنز کي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ واٽس ايپ، ٽيليگرام يا ڪنهن به موبائل فون ايپ تان آفيشل ڊاڪيومينٽس شيئر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سائبر سيڪيورٽي، محفوظ اي ميل جي طريقن تي عمل نه ڪرڻ سائبر اٽيڪ جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته اندروني ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سرڪاري آفيسرن جون اي ميلز ٽارگيٽ ٿي چڪيون آهن، جعلي اي ميلز کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ سرڪاري عهديدارن جا نالا ۽ عهدو داخل هوندو آهي.
ايڊوائزري موجب غير محفوظ انٽرنيٽ جو استعمال ڪري ڳجهي ڄاڻ شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ اها تجويز به ڏني وئي آهي ته سرڪاري آفيسرن لاءِ موبائل فون تي آفيشل اي ميل استعمال نه ڪئي وڃي، ذاتي ۽ سرڪاري استعمال لاءِ الڳ الڳ اي ميل آءِ ڊيز جو استعمال ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ڪلائوڊ اسٽوريج تي ذاتي ۽ آفيشل ڊيٽا شيئر نه ڪئي وڃي ۽ ون ٽائم پاس ورڊ ڪنهن سان شيئر نه ڪيو وڃي.
ايڊوائزري ۾ اي ميل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٻٽو تصديقي نظام اختيار ڪرڻ ۽ شڪي انٽرنيٽ مهم ۾ ذاتي تفصيلن جي فراهمي کان پاسو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.