اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته عوام کي ايندڙ هفتن ۾ ”پي پال“ ۽ ”اسٽرائپ“ پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان سٺي خبر ملندي.
ڊاڪٽر عمر سيف اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ اڀرندڙ فري لانسنگ ڪميونٽي لاءِ ادائيگين جي سهولت لاءِ ڪو مالياتي ذريعو موجود ناهي.
هن چيو ته انهن ڪمپنين کي ڪجهه خدشا آهن، ان باوجود اسان معاملا اڳتي وڌندي ڏسي رهيا آهيون، مان پراميد آهيان ته ايندڙ 4 کان 6 هفتن ۾ اسان پي پال ۽ اسٽرائپ جي حوالي سان سٺي خبر ڏينداسين ۽ هڪ فارمولي ذريعي اسان پنهنجي فري لانس ڪميونٽي کي اها خدمتون فراهم ڪنداسين.
Next Post
You might also like