ڊاڪٽرن جي لکت پڙهڻ ڏکي ڇو هوندي آهي؟

اها ڳالهه ته سڀني کي خبر آهي ته گھڻن ڊاڪٽرن جا لکيل لفظ سمجهڻ عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهن هوندا.
جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جي لکيل نسخي کي ڏسو يا اوهان جو معائنو ڪندي ان جي نوٽس جو جائزو وٺو ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو.
حقيققت ۾ ڪجهه ماڻهن کي لڳندو آهي ته خراب لکت ڊاڪٽر بڻجڻ جي عمل جو هڪ لازمي حصو آهي.
پر اهو خيال درست ناهي، گھڻا ڊاڪٽرز به تسليم ڪندا آهن ته سندن لکت سٺي ناهي هوندي ۽ ماڻهن کي انهن جي ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
ڊاڪٽرن جي خراب لکت جا سبب گھڻا دلچسپ آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿا.
ڊاڪٽرن کي تمام گھڻا نوٽس وٺڻا هوندا آهن
هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته ڪنهن به شعبي جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽرن کي سڀ کان وڌيڪ لکڻو پوندو آهي.
طبي ماهرن موجب طب جي شعبي ۾ جيڪڏهن هر شيءِ کي لکي درج نه ڪيو وڃي ته معاملا اڳتي ناهن وڌندا.
ڊاڪٽرن کي مريض جي طبي تاريخ لاءِ هر شيءِ کي لکڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ روز گھڻو لکڻ هٿ کي گھڻو ٿڪائي ڇڏيندو آهي.
آمريڪا جي مرسي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر روٿ بروٽو موجب جيڪڏهن اوهان روز 10 کان 12 ڪلاڪ لکندا آهيو ته هٿ لاءِ ان بار کي برداشت ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي.
هن ٻڌايو ته گھڻن ڊاڪٽرن جي لکت هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ خراب ٿي ويندي آهي ڇو جو انهن جي هٿن جا مسلز گھڻو ڪم ڪرڻ سبب ٿڪجي پوندا آهن.
تڪڙ به هڪ سبب آهي
جيڪڏهن ڊاڪٽر هر مريض سان هڪ ڪلاڪ گذاري ته ان کي گھڻو نه لکڻو پوندو، پر حقيقت ته اها آهي ته گھڻا ماهر تڪڙ ۾ مريضن کي ڏسندا آهن.
ڊاڪٽر روٿ موجب هڪ مريض کي 15منٽن تائين ڊاڪٽر سان پنهنجي طبي مسئلي تي ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي، جيتوڻيڪ ٿوري وقت ۾ گھڻن مريضن کي ڏسڻو هوندو آهي ته ڊاڪٽرن کي پنهنجي لکت سٺي ڪرڻ بدران سڀ ڪجهه لکڻ جي تڪڙ هوندي آهي.
انهيءَ ڪري به سندن لکت خراب هوندي آهي ۽ ڪيترائي ڀيران طبي اصطلاحون به مريضن کي مٿو کنڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن، جيڪي اسان لاءِ ته ڏکيون هونديون آهن پر فارمسٽ کي خبر هوندي آهي ته ڊاڪٽر ٿو چوڻ چاهي.
هاڻي اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي
پاڪستان ۾ ته ان جو رجحان اڃا گھت آهي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڊاڪٽرن اليڪٽرانڪ ميڊيڪل رڪارڊز جوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي غلطي جو امڪان نه رهي.
گوگل طرفان به ڊسمبر 2022ع ۾ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم شروع ڪيو ويو هو جيڪو ڊاڪٽرن جي ڏکي لکت کي پڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.