غير قانوني پرڏيهين سبب معيشت تباهه ٿي ۽ ڏوهه وڌيا: آفاق احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد چيو آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن تي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو مسلمان ملڪن جي حڪمرانن کي ڪرڻو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آفاق احمد چيو ته فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن تي اسان ڏکارا آهيون، احتجاج، ريلين ۽ بيانن کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهون، اسان مجبور آهيون، حڪمران اسرائيل کي لغا۾ ڏيارڻ لاءِ او آءِ سي تي دٻاءُ وجهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني پرڏيهين سبب معيشت تباهه ٿي وئي آهي ۽ اسٽريٽ ڪرائم جو وڏو سبب به غير قانوني پرڏيهي آهن، غير قانوني پرڏيهين جي واپسي جو فيصلو جرئتمنداڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.