بي سي سي آءِ هاردِڪ پانڊيا جي انجري بابت اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ کانپوءِ انجري جو شڪار ٿيندڙ ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا جي فٽنس بابت بي سي سي آءِ اَپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب، هاردِڪ پانڊيا مڪمل طور فٽ ناهي ٿي سگهيو، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ سندس معاملي ۾ مڪمل احتياط کان ڪم وٺي رهي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، انجري سبب هاردِڪ پانڊيا جي انگلينڊ خلاف ميچ ۾ به شرڪت شڪي آهي.

بي سي سي آءِ ذريعن موجب، هاردِڪ پانڊيا جي انجري ڳڻتي جوڳي ناهي، آل رائونڊر تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ کيس احتياطن فوري طور کيڏائڻ نٿي چاهي.

ياد رهي ته هاردِڪ پانڊيا انجري سبب آچر تي نيوزيلينڊ خلاف ميچ نه کيڏي سگهيو هو جڏهن ته ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ 29 آڪٽوبر تي شيڊيولڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.