ورلڊ ڪپ: اسٽيڊيم ڀرڻ لاءِ ڀارتي بورڊ جي نئين ٽِرڪ!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ جاري آهي ۽ بي سي سي آءِ ڪرڪيٽ مداحن کي اسٽيڊيم ۾ آڻڻ لاءِ نئين ٽرِڪ کيڏي آهي.

بي سي سي آءِ طرفان ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ پرستارن کي کاڌي پيتي جون شيون مفت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن سمورن ڪرڪيٽ فينز کي مفت پاپ ڪارن ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ ايندڙ تماشائين کي مفت ڪولڊ ڊرنڪس پڻ ڏنيون وينديون.

ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر امول ڪال موجب، فري ڪولڊ ڊرنڪس ۽ پاپ ڪارن لاءِ تماشائين کي ڪائونٽر تي ٽڪيٽ ڏيکارڻي پوندي، مفت ۾ ڪولڊ ڊرنڪس ۽ پاپ ڪارن نان هاسپٽليٽي وارن ايرياز لاءِ هوندا.

امول ڪال موجب، مفت ۾ ملندڙ پاپ ڪارن ۽ ڪولڊ ڊرنڪس جو سمورو خرچ ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن برداشت ڪندي.

ياد رهي ته وانکيڙي ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ ٻه نومبر تي شيڊيولڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.