واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته فلسطينين سان جنگ ۾ انساني حياتين جي قيمت نظرانداز ڪرڻ صيهوني رياست کي مهانگو پوندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ اوباما اسرائيل کي تنبيهه ڪندي چيو ته غزا جي ڦاٿل شهرين لاءِ خوراڪ، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بند رکڻ سان انساني بحران بدتر ٿيندو ۽ فلسطينين جي نسلن جو رويو اسرائيل بابتوڌيڪ سخت ٿيندو ويندو.
اڳوڻي آمريڪي صدر چيو ته فلسطينين سان جنگ ۾ انساني حياتين جي قيمت نظرانداز ڪرڻ اسرائيل کي مهانگو پوندو، اسرائيل لاءِ عالمي سپورٽ به ختم ٿيندي ويندي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ڊگھين ڪوششن کي به نقصان ٿيندو.
ٻي پاسي اسرائيل فسلطين جنگ تڪرار سبب آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن کي بحث ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
بحث دوران هڪ نوجوان چيو ته جو بائيڊن جي پاليسي آمريڪي عوام جي ترجمان ناهي، آمريڪي صدر اسرائيل، تائيوان ۽ يوڪرين لاءِ 100 ارب ڊالرز ڪانگريس کان گھري آمريڪا کي ٽين عالمي جنگ ۾ ڌڪي رهيو آهي، نوجوان جي تقيد تي هيلري ڪلنٽن لاءِ دفاع ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو.
You might also like