اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عسڪري فور ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ خلاف ڪيس جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عسڪري فور ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جو قانوني وجود ڪهڙو آهي؟
وڪيل عابد زبيري عدالت کي آگاهه ڪيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ صدارتي آرڊر 1982 کان وجود ۾ آيو هو.
عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته قانوني وجود نه رکڻ تي آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ درخواست داخل نٿو ڪري سگهي ۽ درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.
عدالت طرفان شڪايت ڪندڙ وڪيل معيز جعفري جي عدم پيشي تي خاص نمائندگي جي درخواست خارج ڪئي وئي.
واضح رهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
You might also like