اسرائيل، حماس جنگ، آءِ ايم ايف دنيا کي خبردار ڪري ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تنبيهه ڪئي آهي ته ان سان اڳ کان پريشان دنيا جي معاشي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندو.
سعودي عرب ۾ جاري فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته اسان ان جنگ ۽ موتن تي فڪرمند آهيون، پر ان سان گڏوگڏ اتي ٿيندڙ تباهي ۽ معاشي سرگرمين ۾ گھٽتائي تي به اسان کي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته ان جنگ سبب پوندڙ ناڪاري معاشي اثر اسرائيل ۽ غزا جي پاڙيسري ملڪن جهڙوڪ مصر، لبنان ۾ نظر اچي رهيا آهن ۽ غير يقيني صورتحال سان سياحتي آمدني جو سلسلو بند ٿي ويندو.
آءِ ايم ايف سربراهه چيو ته سيڙپڪار ان خطي ۾ وڃن کان پاسو ڪندا جڏهن ته شين جي چر پر جي خرچن ۾ اضافو ٿيندو.
ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته ان جنگ سبب عالمي معيشت وڌيڪ غير يقيني جي صورتحال جو شڪار ٿيندي، جيڪا اڳ ئي مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ واڌ سبب ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.