ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي ورڇ ڪندڙ تمام ڪمپنين کان وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بجلي جي ورڇ ڪندڙ سرڪاري ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي سڀ کان وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد لنگڙيال ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ملندڙ سبسڊي تي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت تمام بجلي ڪمپنين کي گڏائي به ڪي اليٽرڪ کان گهٽ سبسڊي ڏئي رهي آهي.

راشد لنگڙيال جو چوڻ هو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ 3 ڪمپنيون وفاق کان ڪابه سبسڊي ناهن وٺي رهيون.

هن چيو ته وفاق طرفان ميپڪو کي 43 ارب، گيپڪو کي 18 ارب، حيسڪو کي 35 ارب ، پيسڪو کي 18 ارب، ٽيسڪو کي 9 ارب، سيپڪو کي 13 ارب ۽ ڪيسڪو کي 22 ارب رپين جي سبسڊي ملي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آئيسڪو، ليسڪو ۽ فيسڪو وفاق کان ڪا به سبسڊي ناهن وٺي رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.