غزا تي اسرائيلي جارحيت سبب شهيد فلسطينين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو

غزا ( ويب ڊيسڪ ) غزا تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو 19 هين ڏينهن به جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني شهرين جي شهادتن جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري فسلطيني صحت واري وزارت جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اسرائيلي بمباري کان هنيئر تائين 6 هزار 55 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون آهن.

رپورٽ موجب، اسرائيلي جارحيت سبب زخمي ٿيل فلسطينن جو انگ 15 هزار 143 تائين پهچي ويو آهي.

ٻئي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي رات اسرائيل طرفان ڏکڻ غزا ۾ شديد بمباري ڪئي وئي.

بمباري سبب ٿيندڙ جاني نقصان بابت اڃا تفصيل سامهون ناهن آيا.

ياد رهي ته 24 آڪٽوبر تي اسرائيلي بمباري سبب 182 ٻارن سميت 704 فلسطيني شهيد ٿيا هئا، اِهو هڪ ڏينهن ۾ شهادتن جو سڀ کان وڌيڪ انگ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.