پنجاب جو وڏو وزير عليم خان، آءِ پي پي (ن) ليگ جي بي ٽيم

لاهور (عوامي آواز نيوز) حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي (ن) ليگ جي بي ٽيم آهي.

نامياري صحافي مبشر لقمان  جو چوڻ آهي  ته نظر اهو اچي رهيو آهي ته نواز شريف مستقبل ۾ وزيراعظم ۽  آءِ پي پي سربراهه عليم خان پنجاب جو  وڏو وزير هوندو. ڇو ته  آءِ  پي پي ۾ ڌڙا ڌڙ انهن اڳواڻن کي شامل ڪيو پيو وڃي، جيڪي مستقبل ۾ پنهنجي تڪ مان چونڊ کٽي سگهن ٿا.

ٻئي طرف عون چوڌري ته نواز شريف جو استقبال وڃي ڪيو، کيس ڏيکاءَ لاءِ شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو . ان بعد ڳالهه آئي وئي، افواهه ته اهي به آهن ته نواز شريف جنهن هيلي ڪاپٽر تي جلسي گاهه پهتو هو اهو جهانگير ترين جو هو.

ان حد تائين آءِ پي پي  ۽ (ن)  ليگ ۾ ويجهڙائي ظاهر ڪري رهي آهي ته مستقبل جا اتحادي آهن. باقي پيپلز پارٽي ٻڏتر جو شڪار آهي. آصف علي زرداري مفاهمتي سياست ڪرڻ چاهي ٿو. پر بلاول ڀٽو زرداري مخالف ڌر جي سياست ڪرڻ چاهي ٿو.

پي ٽي آءِ ڇڙ وڇڙ آهي. هڪڙا  اڳواڻ جيل ۾ آهن ته ٻيا روپوش آهن. ان ڪري صرف (ن) ليگ لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ آهي.

پ پ ته اهو به چيو آهي ته هو ڪنهن به نئين هائبرڊ نظام جو حصو نه بڻجندا.

هوڏانهن (ن)  ليگ به سوشل ميڊيا  تي مخالفن خلاف گارگند ڪري رهي آهي، بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح پي ٽي آءِ ڪندي رهي آهي. معاشري مان سهپ ختم ٿي وئي آهي، ان ڪري مستقبل ۾ سياسي جهيڙا نظر ايندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.