اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت بڻجي چڪو آهي ان ڪري ان جي ايئن ئي سهولت ڪاري ٿي رهي آهي، جيئن ماضيءَ ۾ عمران خان جي ڪئي وئي هئي.
نامياري صحافي اسدف علي طور پنهنجي تجزئي ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ عمران خان نالي جيڪو جن بوتل مان ڪڍيو ويو هو. اهو اڃان تائين اسٽيبلشمينٽ جي قابو ۾ نٿو اچي. ان کانسواءِ ملڪ جنهن معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو آهي ان مان ڪڍڻ لاءِ جتن ٿي رهيا آهن، ڇو ته هاڻي عالمي برادري به پاڪستان کي ٻوجهه سمجهي رهي آهي. دوست ملڪ مالي مدد ڪري ٿڪجي پيا آهن، جڏهن ته پاڪستان تي عالمي برادريءَ جو اعتماد به نه رهيو آهي. ڇو ته عمران خان نه صرف ملڪ کي معاشي طور ڪنگال ڪيو پر عالمي سطح تي به پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو .
ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي هڪ تجربيڪار سياستدان جي ضرورت هئي ۽ هن خطري ۾ نواز شريف کان وڌيڪ ڪو به تجربيڪار سياستدن نه هو. ٻيو ته عرب ملڪن سان نواز شريف جا لاڳاپا تمام بهترين آهن. جيڪي معاشي طور سهارو ڏيڻ جي آخري اميد آهن.
ان ڪري نواز شريف به سهولت ڪاري اهڙي ڪئي پئي وڃي جهڙي ماضيءَ ۾ عمران خان جي ڪئي پئي وئي. پر سوال آهي ته ان جي ڪهڙي ضمانت آهي ته وري 2028ع ۾ نواز شريف سان اهو ڪجهه نه ٿيندو. جيڪو هن سان 2018ع ۾ ٿيو، اهو به نظر اچي رهيو آهي ته نواز شريف مستقبل ۾ وزيراعظم آهي.
رهيو سوال ته ٿي سگهي ٿو ٻه سال پاڻ وزيراعظم رهي ۽ باقي عرصو مريم نواز کي وزيراعظم ڪيو وڃي، پنجاب ته شهباز شريف جي حصي ۾ ڏنو ويو آهي. ڇو ته ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان نواز شريف جهڙو تجربيڪار سياستدان ڪڍي سگهي ٿو.
عمران خان جو رستو به روڪي سگهي ٿو. ڇو ته عمران خان جو ووٽ بئنڪ نه صرف موجود آهي، پر ان ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪريڪ ڊائون، گرفتارين، پريس ڪانفرنس ۽ انٽرويو سميت سمورا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن. پر بوتل مان عمران نالي ڪڍيل جن اسٽيبلشمينٽ جي قابو ۾ نٿو اچي نواز شريف به جيڪا ڊيل ڪري آيو آهي ان جي نتيجي ۾ ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻي رهيو آهي، ساڻس زيادتي ڪئي وئي پر جن زيادتي ڪئي انهن جا نالا کڻڻ لاءِ تيار نه آهي.
نواز ليگ کي ان سطح جي سوديبازي تي شهباز شريف قائل ڪيو آهي، ان هوندي به نواز شريف جي مستقبل بابت ڪابه ضمانت نظر نه اچي وڌيڪ وقت ٻڌائيندو، ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ ۽ هاڻي نواز ليگ مخالفن خلاف واويلا ڪري رهي آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي